شلپا مٿان آڌي رات تائين ريسٽورنٽ کولڻ تان ڪيس داخل

شلپا مٿان آڌي رات تائين ريسٽورنٽ کولڻ تان ڪيس داخل

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ )بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي وئي آهي، هن وقت هو پنهنجي مهانگي ريسٽورنٽ چين ‘بسٽين’ خلاف قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي رهي آهي، ان ڏس ۾ شلپا شيٽي جو چوڻ هوته بينگلور پوليس ‘بسٽين’ جي مقامي آئوٽ ليٽ خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، اسان تي   الزام آهي ته ريسٽورنٽ مقرر وقت کان وڌيڪ کليل رهيو، جنهن سان  مقامي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي ڪئي وئي. سندس خلاف لڳايل الزام بي بنياد آهن، انتظامي معاملي کي غير ضروري طور تي مجرماڻو رنگ ڏنو پيو وڃي.  شلپا شيٽي واضح ڪيو ته هن هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، هاڻ هوءَ عدالتي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي.