شمائلا محبت ۾ ناڪامي تي آپگهات ڪيو: وارثن جو اعتراف، پسٽل ۽ موبائل هٿ

شمائلا محبت ۾ ناڪامي تي آپگهات ڪيو: وارثن جو اعتراف، پسٽل ۽ موبائل هٿ

ڀان سيدآباد (رپورٽ: مظفر کوکر) ڀان سيدآباد ويجهو خيروديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بلاولپور ۾ ناري شمائله راهپوٽو جي پراسرار موت واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ ناري شمائله راهپوٽو جي استعمال هيٺ موبائل فون هٿ ڪري ورتو آهي، پوليس ذريعن موجب موبائل فون جو رڪارڊ هٿ ڪرڻ ۽ هٿ ڪيل پسٽل جا پڻ فنگر پرنٽ وٺڻ ۽ فارنزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو طرفان ڊي ايس پي سيوهڻ فراز احمد ميتلو جي سربراهي ۾ جوڙيل پوليس جي جاچ ٽيم ڳوٺ بلاولپور پهتي، پوليس جي جاچ ٽيم پاران ناري شمائله راهپوٽو جي والد رزاق ڏنو راهپوٽو، والده، ڀاءُ شهباز، ڀيڻ عاصمه ، صنم راهپوٽو ۽ سئوٽ سجاد راهپوٽو جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جاچ ٽيم پاران جاءِ واردات ۽ خيروديرو پوليس اسٽيشن جو به دورو ڪري جائزو ورتو ويو، ناريءَ جي وارثن پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي انڪشاف ڪيو ته ناري شمائله راهپوٽو هڪ نوجوان کي پسند ڪندي هئي، محبت ۾ ناڪاميءَ تي مايوس ٿي هن پاڻ کي پستول جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، هنن وڌيڪ چيو ته شمائله پنهنجو پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي پر سوشل ميڊيا تي واقعي کي قتل قرار ڏئي اسان کي بدنام ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسان سوڳ ۾ ورتل آهيون، سوشل ميڊيا تي اسان مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي پريشان ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف انڪوائري ٽيم جي سربراهه ڊي ايس پي سيوهڻ فراز احمد ميتلو ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪيل جاچ دوران جيڪي شاهديون مليون آهن انهي مان لڳي ٿو ته ناري شمائله راهپوٽو جو موت آپگهات ئي آهي، هن چيو ته پوليس واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهي آهي، ڳوٺاڻن توڙي ٻين مختلف ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن، هن چيو ته موبائل فون جو رڪارڊ هٿ ڪرڻ، پستول جا فارنزڪ ڪرائڻ ۽ حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد معاملو ڪليئر ٿي ويندو.