شمائلا چانڊيو قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيو: وارثن پاران هالا ۾ احتجاجي ريلي

شمائلا چانڊيو قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيو: وارثن پاران هالا ۾ احتجاجي ريلي

ھالا (رپورٽ: اڪرم کوکر) هالا ويجهو ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ 9 ڏينهن اڳ ڪارنهن تمت هيٺ قتل ڪيل 17ورهين جي شمائلا چانڊيو جي وارثن انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي. مقتول ناري جي امڙ مسمات جيڏل چانڊيو، ناري جو مامو جان محمد چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته نياڻي کي بيدردي سان قتل ڪري جوابدارن وڏو ناحق ڪيو آھي، ڪيس جو مک جوابدار شالو چانڊيو کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو، اسان کي آزاد گھمندڙ جوابدار مان شالو مان خطرو آھي،ناري جي امڙ چيو ته جيئن منھنجا معصوم ٻچڙا روڊن تي آھن ايئن ئي جوابدارن جا ٻار روڊن تي ڏسڻ چاھيون ٿا، جيسيتائين جوابدارن کي ڦاھي جي سزا نه ملندي تيسيتائين سُک جو ساھ نه کڻنداسين.