شماريات اداري جي رپورٽ ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪندڙ مھانگائي

شماريات واري وفاقي اداري پاران مهانگائي بابت جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي معاشي حالتن جي ڳڻتي جوڳي تصوير پيش ڪري ٿي. رپورٽ موجب مهانگائي جي سالياني شرح 13.98 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 19 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته هلندڙ هفتي 9 شيون سستيون ٿيون ۽ 23 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون. اھا رپورٽ نه رڳو انگن اکرن جو هڪ سادو اظهار آهي پر عام ماڻهوءَ جي روزاني زندگيءَ تي پوندڙ ڳرن اثرن جي به عڪاسي ڪري ٿي. مهانگائي جو اهو وڌندڙ طوفان عوام جي قوت خريد کي مسلسل ڪمزور ڪري رهيو آهي ۽ سماج جي وسيع طبقي کي معاشي دٻاءَ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي.

مهانگائي جو سڀ کان وڏو اثر عام ماڻهوءَ جي بنيادي ضرورتن تي پوي ٿو. کاڌي پيتي جون شيون، بجلي، گئس، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين ضروري خدمتن جا اگهه وڌڻ سبب ماڻهن لاءِ روزمره زندگي گذارڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. وچولي ۽ هيٺين طبقي لاءِ ته حالتون وڌيڪ سنگين آهن، جتي آمدني محدود ۽ خرچ وڌندڙ آهن. نتيجي طور، ڪيترائي گهرانا قرضن جي ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهن يا پنهنجون بنيادي ضرورتون به پوريون ڪرڻ کان قاصر آهن. اهڙي معاشي دٻاءَ جو سماجي ۽ نفسياتي اثر پڻ خطرناڪ صورت اختيار ڪري رهيو آهي. خودڪشين جي وڌندڙ شرح ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ماڻهو ذهني طور تي به سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن. جڏهن ماڻهو پنهنجي خاندان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا ته مايوسي، بي چيني ۽ نااميدي وڌي وڃي ٿي، جيڪا آخرڪار خطرناڪ قدم کڻڻ تائين پهچائي سگهي ٿي. اهو هڪ اهڙو الميو آهي جنهن کي صرف معاشي مسئلو سمجهي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر ان کي انساني بحران طور ڏسڻ جي ضرورت آهي. قوت خريد ۾ گهٽتائي مهانگائي جو هڪ اهم نتيجو آهي. جڏهن ماڻهن جي آمدني ساڳي رهي يا تمام گهٽ وڌي، پر شين جا اگهه تيزيءَ سان وڌن، ته ظاهر آهي ته ماڻهو گهٽ شيون خريد ڪري سگهندا. ان سان نه رڳو مارڪيٽ ۾ طلب گهٽجي ٿي پر مجموعي معيشت تي به منفي اثر پوي ٿو. ڪاروباري سرگرميون سست ٿي وڃن ٿيون، بيروزگاري وڌي ٿي ۽ معاشي چڪر وڌيڪ ڪمزور ٿي وڃي ٿو. زندگيءَ جو معيار پڻ مسلسل هيٺ وڃي رهيو آهي. تعليم، صحت ۽ رهائش جهڙن اهم شعبن ۾ خرچ وڌڻ سبب ڪيترائي ماڻهو انهن سهولتن کان محروم ٿي رهيا آهن. خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ سٺي تعليم ۽ معياري صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. نتيجي طور، سماج ۾ عدم مساوات وڌي رهي آهي، جيڪا ڊگهي مدي ۾ وڌيڪ سنگين مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿي.

حڪومت جي پاليسين تي پڻ سوال اڀرن ٿا. هڪ پاسي حڪومت پاڻ بجلي، گئس ۽ پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ٿي، ته ٻئي پاسي واپاري ۽ دڪاندار پنهنجي مرضيءَ سان اگهه وڌائي رهيا آهن. مارڪيٽ ۾ ڪنٽرول جو فقدان صاف نظر اچي ٿو، جتي ناجائز منافع خوري عام آهي. حڪومت وٽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو مضبوط ۽ اثرائتو ميڪينزم نظر نٿو اچي. اگهه ڪنٽرول ڪميٽيون ۽ ضلعي انتظاميا پنهنجو ڪردار صحيح نموني ادا ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ ضروري آهي ته حڪومت فوري ۽ سنجيده قدم کڻي. سڀ کان پهرين، مارڪيٽ ۾ اگهن جي نگراني کي سخت ڪيو وڃي ۽ ناجائز منافع خوري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻيو ته بنيادي ضرورتن جي شين تي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي ڪجهه رليف ملي سگهي. ٽيون، آمدني وڌائڻ لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ ننڍن ڪاروبارن کي سهارو ڏنو وڃي. ان کان علاوه، سماجي تحفظ جا پروگرام به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سرڪاري سيڙپڪاري وڌائڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته اهي ذشعبا ئي ڊگهي مدي ۾ ذذسماجي استحڪام جو بنياد بڻجن ٿا.

مهانگائي صرف معاشي مسئلو نه پر هڪ سماجي چئلينج آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. حڪومت، نجي شعبي ۽ سماج جي ٻين ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام کي هن بحران مان ڪڍي سگهجي. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، جن جا اثر ايندڙ نسلن تائين محسوس ڪيا ويندا.