نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) نگران ناڻي وزير طور حلف کڻندڙ شمشاد اختر ڏيٿو جو نوشهرو فيروز جي ڳوٺ نٿر ڏيٿو سان تعلق آهي
شمشاد اختر جو والد منير اختر ڏيٿو پي آءِ ڊي سي جو چيئرمين پڻ رھيو، جنھن حيدرآباد جي آفندي ميمڻ خاندان مان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ھڪ ڌي شمشاد پئدا ٿي
شمشاد اختر جي ڏاڏي ۽ ڏاڏي جون قبرون سندن اباڻي ڳوٺ ۾ آھن، شمشاد اختر جڏھن مشرف دور ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ھئي ان وقت پنهنجي مائٽ حاجي محمد خان ڏيٿو جي دعوت تي اباڻي ڳوٺ آئي هئي
نوشهرو واسڻ شمشاد اختر جي ھاڻي وفاقي وزير ٿيڻ تي ڳوٺاڻا تمام گھڻو خوش آھن ۽ ڳوٺ ۾ مٺائي پڻ ورھائي آھي