شمن ميرالي ۽ ممتاز مولائي ۾ تڪرار، هڪٻئي کي اوقات ياد ڏياري ڇڏي

جُون 18, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي ٻن راڳين شمن علي ميرالي ۽ ممتاز مولائي ۾ تڪرار، هڪٻئي خلاف وڊيو بيان جاري ڪري تنقيد ڪئي آهي

شمن ميرالي وڊيو ۾ چوي ٿو ته هي فقراهي ڪم آهي، ڪجهه فنڪار ٿورو چانس ملي وڃي ٿو تهS پنهنجي اوقات وساري ٿا ڇڏن، آئون سڀني فنڪارن کي سڃاڻان ٿو

هن چيو ته ڪجهه شاعر يا فنڪار ڳائن ٿا انهن جو گهڻو وقت مونسان گڏ گذريو آهي، اهي مون کان ڳجها ناهن، پنهنجي اوقات ۾ رهن

شمن ميرالي چيو ته غريب ماڻهو وٽ پئسو اچي ٿو ۽ شهرت ملي ٿي ته چون ٿا اسان ايئن ئي هئاسين، سينئر کي عزت ڏيو، سريلي کي عزت ڏيو

شمن ميرالي کي جواب ڏيندي ممتاز مولائي چوي ٿو ته ڪي دوست اوقات ياد ڏيارين پيا، الله پاڪ انهن کي به خوش رکي، هنن جيڪو شاهي گهراڻي ۾ جنم ورتو آهي اها به مون کي خبر آهي، سونن چمچن سان کاڌو اٿن اها به مون کي خبر آهي،

هن چيو ته الله پاڪ ان کي پنهنجي اوقات ۾ خوش رکي، اسان کي يا ڪنهن ٻئي کي اوقات ياد ڏيارڻ سٺو ناهي هوندو، هر ڪنهن کي الله عزت ڏيندو آهي

هن چيو ته منهنجي پويان پروپيگنڊا ڪندڙ ماڻهو ظاهر ٿي رهيا آهن، الله پاڪ عزتن سان نوازي ٿو جنهن تي ڪجهه ماڻهو سڙن ٿا،

هن چيو ته جڏهن توهان جو وقت هو ته اسان توهان سان گڏ هئاسين توهان جي خوشين ۾ خوش هئاسين، آئون ننڍو آرٽسٽ آهيان، پر اوهان جي اوقات کان به واقف آهيان

Leave A Comment