آمريڪي پروفيسر، دانشور ۽ ليکڪ فوڪوياما جي خيال ۾، “شناخت جي سياست جمهوريت جي خلاف آهي”، جڏهن ته هُن جي استاد آمريڪي مفڪر سيميئول هنٽنگٽن جي خيال ۾، “اڪثر ماڻهن جي لاءِ قومي شناخت ڊگهي تاريخي عمل، گڏيل ابن ڏاڏن، گڏيل تجربن، گڏيل نسلي پسِ منظر، گڏيل ٻولي، گڏيل ثقافت ۽ اڪثر حالتن ۾ گڏيل مذهب جو مجموعو آهي. قومي ڪردار انهيءَ ڪري آرگينڪ آهي”. يوهان گاٽفرائيڊ هيرڊر جي دعويٰ هئي ته، “هر قوم جي ٻولي، مذهب روايتون، قدر، سماجي ادارا، قانون ۽ تاريخ انهن جي انفرادي شناخت ۽ قوميت کي واضح ڪن ٿيون آهي”. شناخت جو سوال ڪافي ڳنڀير آهي. اهو سوال هر فرد جي وجود سان جڙيل آهي. اهو سوال پڇڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن جي ڏکندڙ نس کي ڇيڙڻ. انهيءَ ڪري ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ کان سواءِ ان سوال تي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا.
ضياءُ الحق واري مارشل لا جي دؤر ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ساٿين تي سازش جو ڪيس هليو هو ۽ ان ڪيس ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڏنل بيان ڪافي مشهور ٿيو هو. بيان ۾ ڪامريڊ پنهنجو تعارف ڪجهه هيئن ڪرايو هو: “آئون پنج هزار سالن کان سنڌي آهيان، تيرنهن سئو سالن کان مسلمان ۽ پنجاهه سالن کان پاڪستاني”. ان وقت ڪامريڊ جي ڏنل بيان تي مون سميت ڪافي ماڻهن وڏو فخر ڪيو هو، پر اڄ جڏهن آئون ان بيان تي سوچيان ٿو ته منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀرن ٿا. جيڪڏهن ڪامريڊ جيل ۾ هجڻ بدران ماسڪو ۾ هجي ها ۽ ڪو روسي ڪميونسٽ هن کان پڇي ها، “تون ڪير آهين؟” ڇا ڪامريڊ ماسڪو ۾ پنهنجي شناخت سنڌ، مذهب ۽ پاڪستان جي حوالي سان ڪرائي ها؟ ماڻهن جون مختلف قسم جون شناختون هونديون آهن پر سوال اهو آهي ته هو ڪهڙي شناخت کي پنهنجي سياست جو بنياد بڻائين ٿا؟ ڪارل مارڪس، هٽلر، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، جي ايم سيد ۽ محمد علي جناح جي سياست جا بنياد الڳ الڳ هئا. انهن سڀني پنهنجي سياست جي لاءِ الڳ الڳ شناخت جو انتخاب ڪيو هو. ملڪ ۾ عورت مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن جي لاءِ شناخت جو سوال الڳ آهي ته ٽورنٽو ۾ “پرائيڊ پريڊ” ۾ شامل ماڻهن جي لاءِ شناخت جو مسئلو بلڪل ئي الڳ آهي. ان کان علاوه ٻيا به شناخت جا ٻيا کوڙ سارا بنياد آهن، پر اڄوڪي ڪالم ۾ اسان شناخت جي سوال کي ملڪي پس منظر ۾ جاچيون ٿا.
”توهان يا توهان جي سماج ۾ ٻيا ماڻهو ڪهڙي شئي جي لاءِ جان ڏيڻ تي فخر ڪندا آهن؟” ري ڊيليو جو اهو سوال اسان کي شناخت جو منجهيل سُٽ سلجهائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. اسان جو سماج يورپ کان الڳ آهي. اسان وٽ مرڻ ۽ جيئڻ جا ڍنگ الڳ آهن. بگٽي صاحب کي ڪنهن صلاح ڏني هئي ته، “سائين توهان بلوچ تمام ٿورا آهيو ۽ هيڏي وڏي اسٽبلشمينٽ سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندا؟ بهتر آهي ته آڻ مڃيو”. بگٽي صاحب جواب ۾ چيو هو ته، “اسان ته مڃڻ جي لاءِ تيار آهيون پر غلاميءَ جا به ڪي آداب ٿيندا آهن”. اهي آداب واشگٽن ۾ ته ڇا پر لاهور ۽ پنڊي وارا به نه سمجهي سگهيا آهن. بگٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ بلوچستان مان ڪافي رد عمل آيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين دٻجي نه سگهيو آهي. ان واقعي کان هڪ سال پوءِ آئون ڪراچي آيو هوس ۽ ڪنهن نجي محفل ۾ ڪنيا لال بگٽي سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو مليو هو. ڪنيا لال بگٽي انهن ڏينهن جي پس منظر ۾ حال اوريندي ٻڌايو ته هُن کي يورپ ۾ ڪنهن ڪمپني سان ميٽنگ جي لاءِ اتي وڃڻو هو پر بگٽي صاحب جي شهادت جي ڪري هو يورپ وڃي نه سگهيو هو ۽ هن کي اتان جي ڪمپني جي مالڪ فون ڪري شڪايت ڪئي ته توهان واعدي موجب ميٽنگ ۾ نه آيا آهيو. ڪنيا لال هن کي پنهنجي سردار جي شهادت ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال جو ٻڌايو ۽ يورپ نه اچي سگهڻ تي معذرت ڪئي هئي، پر ڪنيا لال جي ڳالهين يورپي سرمائيدار کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو. هو ان ڳالهه کي نه سمجهي سگهيو ته ماڻهو ڪڙم، قبيلي ۽ قوم لاءِ جانيون قربان ڪري سگهن ٿا.
جارج ڪينن سوويت يونين ۾ آمريڪا جو سفير هو، جنهن سرد جنگ جي دور ۾ سوويت تاريخ، جاگرافي، سماج ۽ جيو پوليٽڪس جو تفصيلي اڀياس ڪري هڪ خط واشنگٽن اماڻيو هو، جيڪو بعد ۾ “ڪينن ميمو” جي نالي سان مشهور ٿيو هو. ميمو ۾ ڪينن لکيو هو ته سوويت يونين کي سمجهڻ لاءِ اسان کي مارڪس ازم ۽ لينن ازم کان علاوه روسي قوم جي نفسيات، تاريخي بنيادن ۽ ان سان جڙيل ذهنيت کي سمجهڻو پوندو. هينا آرينٽ پنهنجي ڪتاب، “مطلق العنانيت جو بنياد” ۾ سوويت يونين جي سياست کي سلاوڪ قومي شناخت سان جوڙيو هو. روس جي مقابلي ۾ اسان جي شناخت جو سوال ڪافي الجهيل آهي. اسان جا ‘حڪمران’ ڪيناڊا جي پهرئين وزيرِ اعظم جان ميڪڊونل جهڙي ذهنيت رکن ٿا: “ڪيناڊا وٽ جاگرافي ته وڏي آهي پر تاريخ تمام ننڍي آهي”. جان ميڪڊونل ته سفيد فام نسل پرست هو، جنهن کي مقامي ماڻهن جي تاريخ نظر نه آئي هئي. هُن جي لاءِ تاريخ جو مطلب فقط سفيد فام قبضاگيرن جي تاريخ ئي هئي. اسان جي ملڪ جا حڪمران پڻ مقامي ماڻهن جي پراڻي تاريخ کي اپنائڻ جي بجاءِ نئين تاريخ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن ترڪ ڊراما ڏيکاري ماڻهن کي ترڪ تهذيب سان جوڙڻ جي خواهش ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري عرب تهذيب سان. ملڪ ۾ رهندڙ قومن ۽ رياستي ذهنيت ۾ جيڪو تضاد آهي، ان کي حل ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ مشڪل آهي.
شناخت جي سوال جا ٻه پهلو ڪافي غور طلب آهن: هڪڙو پهلو اهو آهي جيڪو مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر آمريڪا ۾ ڪارن جي سياست جي حوالي سان ورتو هو، جنهن ۾ هن ڪارن آمريڪين جي مظلوميت ۽ انهن سان ٿيندڙ ظلم جي خلاف آواز اٿاريو هو. جڏهن ته شناخت جي سياست جو ٻيو پهلو اهو آهي، جيڪو ٽرمپ جي سياست آهي، جنهن ۾ ‘دشمن’ اهم هوندو آهي. هو آمريڪي مسئلن جي لاءِ ڪڏهن چين ته ڪڏهن وري ميڪسيڪو کي ذميوار ڪوٺي ٿو. برِصغير جي ورهاڱي وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس الڳ الڳ شناختن جي بنياد تي رياستون جوڙيون هيون. ڪانگريس جي مقابلي ۾ مسلم ليگ پاڪستان جي گُهر اسلامي شناخت جي بنياد تي ڪئي ۽ ملڪ ٺهڻ کان پوءِ به ساڳي ‘شناخت جي سياست’ جاري رکي آهي. ملڪ ۾ نئون سماج ۽ نئون ماڻهو تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي، جنهن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ‘مرڪز’ کان پاليسيون لاڳو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو هو ۽ جڏهن سول بيوروڪريسي ان پروگرام کي نافذ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ته پوءِ ملٽري بيوروڪريسي ۽ ‘ڊڪٽيٽر’ نازل ڪيا ويا، جنهن سان صورتحال بهتر ٿيڻ جي بدران ابتر ٿيندي رهي آهي. مشرقي پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اسان پراڻن تضادن ۾ الجهي اڏري رهيا آهيون.
بدلجندڙ دنيا ۽ ايندڙ نئين ورلڊ آرڊر ۾ اسان جي خطي ۾ وڏيون تبديليون اچڻيون آهن، جنهن سان “شناخت جي سياست” ۾ شدت اچڻ جو امڪان موجود آهي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي بدلندڙ حالتن ۾ پنهنجي شناخت جي بنياد کي نئين انداز ۾ ڏسي رهي آهي، جتي مارڪس ازم جي موٽ، معاشي اڻبرابري کي گهٽائڻ سان گڏ ڪجهه پارٽي حلقن ۾ چيني قومپرستي جو رجحان به وڌي رهيو آهي. ٻئي پاسي انڊيا جي اندر مودي سرڪار اتي ‘هندو قومپرستي’ جي بنياد تي سياست ڪري رهي آهي. اهي تبديليون اسان جي “شناخت جي سياست” کي به متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. اسان جي اسٽبلشمينٽ کي سوچڻ گهرجي ته ڇا ڪنهن ‘دشمن’ جي بنياد تي پنهنجي سياست ڪرڻ سان ڪو فائدو ٿيو آهي، جو اڳتي ان کي جاري رکجي؟ يا پنهنجي شناخت کي زميني حقيقتن جي مدِ نظر رکي ترتيب ڏجي، جنهن سان رياست جي اندر قومي سوال کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.