شهباز، ڊار ۽ فيلڊ مارشل تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي: نواز شريف

شهباز، ڊار ۽ فيلڊ مارشل تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته گرين پاسپورٽ کي عالمي سطح تي عزت ملي رهي آهي ۽ پاڪستان سفارتي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. فيلڊ مارشل، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ملڪ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي سربراهه وزيراعظم شهباز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته کيس يقين آهي ته هو وڌي چڙهي عوام جي خدمت ڪندا. مسلم ليگ (ن) جي پوري قيادت وزيراعظم سان گڏ بيٺل آهي. نواز شريف چيو ته سفارتي سطح تي پاڪستان جو نالو بلند ٿيو آهي ۽ اهو گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. هن ترقياتي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته موٽروي ٺاهڻ ڪو احسان ناهي پر ملڪ جي ضرورت آهي، ۽ مسلم ليگ (ن) هر شعبي ۽ هر محاذ تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن بجيٽ بابت زور ڏيندي چيو ته وسيلا عوام جي کيسي ۾ وڃڻ بدران ميدان ۾ استعمال ٿيڻ گهرجن ته جيئن حقيقي ترقي ممڪن بڻجي سگهي. گلگت بلتستان بابت هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کان وڌيڪ هن علائقي کي ڪو نٿو سڃاڻي ۽ پارٽي هميشه اتي جي عوام جي خدمت کي ترجيح ڏني آهي.