شهباز جي چيني هم منصب سان ملاقات: لي پاڪستان اچڻ جي دعوت قبولي ورتي

جُون 24, 2023

پيرس(پنهنجي ڊيسڪ)چين ۽ پاڪستان پاران ٻطرفو سهڪار وڌائڻ توڙي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي جڏهن ته  چيني وزيراعظم پاڪستان جي دوري واري دعوت قبولي ورتي آهي

فرانس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي چيني هم منصب لي چيانگ سان ملاقات ٿي ملاقات بابت جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جاگرافيائي سلامتي ۽ معاشي ترقي لاءِ سهڪار تي چين جو ٿورائتو آهي

سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جهڙي تڪراري خطي ۾ جِي ٽوئنٽي اجلاس جي به چين مخالفت ڪئي

ملاقات ۾ چيني وزيراعظم چيو ته پاڙيسرين بابت چين جي سفارتڪاري ۾ پاڪستان خاص درجو رکي ٿو، پاڪ چين دوستي منفرد ۽ حالتن جي تبديلين کان بي نياز آهي

هن چيو ته پاڪستان جي مُکيه مفادن جي تحفظ ۽ معاشي ترقي لاءِ چين به ڪوشش جاري رکندو

پڌرائي موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو

 سي پيڪ جي ڪاميابي کي 10 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ڀرپور نموني ملهائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو

Leave A Comment