شهباز حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي: مرتضيٰ جتوئي

  شهباز حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي: مرتضيٰ جتوئي

 نوشھروفيروز(رپورٽ: مختيار سهتو) نيشنل پيپلزپارٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته شهباز حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي، ڪالهه هتي شنوائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون 26 هين ترميم وقت چيو هو ته27 هين ترميم ايندي، جنهن سان وڏا مسئلا پيدا ٿيندا، اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ سميت گهڻو ڪجهه ٿيڻو آھي، حاڪمن جي ڪوشش ھوندي ته 28 هين ترميم ۾ سڀ مسئلا حل ڪجن ته جيئن 29 هين ترميم جي ضرورت ئي نه پوي، هن چيو سڄي سنڌ ۾ نوان نوان محل ٺھي ويا آھن، نوشهروفيروز ۾ به ڪيترائي نوان محل ڏسان پيو،  اسان ته پنهنجي ابي ۽ ڏاڏي جي ٺهرايل گهر جي به مرمت نه ڪرائي سگهيا آھيون، هن چيو ت ايڪتا ڏھاڙو ملهائڻ ساراهه جوڳو عمل آھي، پنهنجن ريتن رسمن تي هلڻ ۽ پنهنجي ثقافت کي ياد رکڻ زنده قومن جو ڪم آھي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو منشيات کان پاڪ سنڌ بهترين سلوگن آهي، اسان جو نوجوان نسل نشي جو عادي بڻجي ويو آهي، منشيات جي خاتمي سان سنڌ ترقي ڪندي