شهباز دور ۾ بي روزگاري بي قابو: 80 لک ماڻهو بي روزگار: شرح 7.1 سيڪڙو ٿي وئي: 5 سالن ۾ پگهار ۾ رڳو 15 هزار واڌ

شهباز دور ۾ بي روزگاري بي قابو: 80 لک ماڻهو بي روزگار: شرح 7.1 سيڪڙو ٿي وئي: 5 سالن ۾ پگهار ۾ رڳو 15 هزار واڌ

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي ليبر فورس سروي 25/2024 جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا. قومي ليبر فورس سروي موجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح وڌي 7.1 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سال 21/2020 ۾ بيروزگاري جي شرح 6.3 سيڪڙو هئي، گذريل پنجن سالن ۾ بيروزگاريءَ جي شرح ۾ 0.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي۔ سروي مطابق پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 80 لک ماڻهو بيروزگار آهن۔ سال 2023 جي آدمشماري موجب ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار آهي۔ ملڪ ۾ ورڪنگ ايج پاپوليشن 43 سيڪڙو آهي، جڏهن ته غيرفعال آبادي 53.7 سيڪڙو آهي۔ پاڪستان جي 3.3 سيڪڙو آبادي بيروزگار آهي۔ سروي مطابق سروسز سيڪٽر روزگار فراهمي ۾ پهرين نمبر تي آهي، زرعي سيڪٽر ٻئي نمبر ،۽ صنعتي سيڪٽر ٽئين نمبر تي آهي۔ سروسز سيڪٽر ۾ 3 ڪروڙ 18 لک 30 هزار ماڻهو روزگار ڪري رهيا آهن، سروسز سيڪٽر ۾ روزگار جي شرح سڀ کان وڌيڪ 41.7 سيڪڙو آهي. زرعي سيڪٽر روزگار جي شرح 33.1 سيڪڙو آهي. زرعي شعبي ۾ 2 ڪروڙ 55 لک 30 هزار ماڻهو روزگار ڪري رهيا آهن. صنعتي سيڪٽر روزگار جي شرح 25.7 سيڪڙو آهي. جِتي 1 ڪروڙ 98 لک 60 هزار ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. پاڪستان ۾ في ماڻهو جي تقريبن ماهوار اُجرت 39,042 رپيا آهي. گذريل پنجن سالن ۾ ماهوار اجرت ۾ 15,014 رپين جو اضافو ٿيو. سال 21/2020 ۾ تقريبن ماهوار اجرت 24,028 رپيا هئي. مردن جي تقريبن ماهوار اجرت 39,302 رپيا آهي. عورتن جي ماهوار اُجرت 37,347 رپيا آهي.ان حوالي  منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ليبر فورس سروي 25/2024 جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ليبر فورس سروي بين الاقوامي معيار مطابق مڪمل ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي، سروي 19هين آءِ سي ايل ايس جي عالمي معيار موجب تيار ڪيو ويو آهي. نئين عالمي معيار تحت 2.5 ملين ذاتي ضرورت لاءِ ڪم ڪندڙ هارين کي روزگار جي ڳڻپ مان ڪڍيو ويو آهي، پاڪستان جي ليبر فورس 78.8 ملين کان وڌي 83.1 ملين تائين پهچي وئي، ورڪنگ ايج ۾ غيرفعال آبادي 55.1 سيڪڙو کان گهٽجي 52.4 سيڪڙو رهجي ويو آهي. جيڪو ليبر مارڪيٽ تي وڌندڙ اعتماد جي علامت آهي. ليبر فورس ۾ شموليت جي شرح 49.9 سيڪڙو کان وڌي 46.3 سيڪڙو ٿي وئي. احسن اقبال چيو ته ملڪ جي ورڪ فورس تيزيءَ سان زراعت مان سروسز سيڪٽر ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. سروسز سيڪٽر 41.2 سيڪڙو ماڻهن کي روزگار ڏئي سڀ کان وڏو حصيدار بڻجي چڪو آهي،  پاڪستان ۾ تقريبن ماهوار اجرت 24 هزار کان وڌي 39 هزار رپيا ٿي وئي، عورتن ۽ مردن جي اجرت جو فرق 4500 رپين کان گهٽجي 2000 تائين پهچڻ خوش آئينده آهي. عورتن ۾ انٽرپرينيوورشپ 19 سيڪڙو کان وڌي 25.2 سيڪڙو ٿيڻ مثبت اڳڀرائي آهي. غير معاوضو خانداني ميمبرن 21.1 سيڪڙو کان گهٽجي 19 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. ليبر فورس شرڪت مجموعي طور 46.3 سيڪڙو، بيروزگاري 7.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي، عورتن جي گيگ اڪانومي ۾ شموليت 15 سيڪڙو آهي، هفتيوار 15 ڪلاڪ گهر جي سنڀال واري ڪم تي لڳندا آهن. نوجوانن ۽ عورتن ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ جو رجحان وڌڻ مستقبل لاءِ سٺو اشارو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو هدف آهي ته عورتن کي ورڪ فورس ۾ اڌ نمائندگي ملي ته جئين ترقي جا ثمر برابر تقسيم ٿين. ملڪ ۾ 11.4 ملين ماڻهو غير معاوضو گھريلو ڪم ڪن ٿا، جن مان 76 عورتون به شامل آهن. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام باوجود معاشي استحڪام برقرار رکيو ويو، ايندڙ مرحلو سيڙپڪاري، برآمدات ۽ روزگار ۾ اضافو آهي، سروسز سيڪٽر جو حصو 37.2 سيڪوڙ کان وڌي 42.2 سيڪڙو ٿي ويو آهي. ماهوار تقريبن اجرت 39,042 رپيا معيشت ۾ بهتري جي نشاني آهي. اُجرت ۾ اضافو شهري طبقن جي سماجي ۽ معاشي بهتري جو ثبوت آهي. هن چيو ته آبادي وڌڻ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته 2040 تائين آبادي 40 ڪروڙ ٿي سگهي ٿي. تيز رفتاري سان وڌندڙ آبادي قومي ايمرجنسي صورتحال اختيار ڪري ورتي اهي. جنهن تي فوري ڪنٽرول ڪرڻ ناگزير آهي.صحتمند ۽ باصلاحيت نسل لاءِ آبادي تي ڪنٽرول لازمي ٿي چڪو آهي، حڪومت صوبن سان گڏ قومي آبادي پاليسي لاءِ مؤثر حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. موجوده رفتار برقرار رهي ته ملڪ کي وڏن سماجي ۽ معاشي چيلنجز کي منهن ڏيڻو پوندو. احسن اقبال چيو ته 2018–2022 دوران سياسي عدم استحڪام معيشت کي سخت نقصان پهچايو، سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسي تسلسل ۾ رڪاوٽون ماضي جون وڏيون ڪمزوريون، هاڻي ختم ڪيون پيون وڃن، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام بعد هاڻي برآمدات ۽ نئين روزگار تي ڌيان آهي، زراعت، صنعت ۽ سروسز ۾ روزگار جو تناسب معاشي ڍانچي جي تبديلي ڏيکاري ٿو، ميڊ اِن پاڪستان کي عالمي مڃتا ڏيڻ لاءِ آءِ ٽي، ڊجيٽل، اي آءِ ۽ جديد زرعي مهارتن جي تربيت ڏني پئي وڃي.