شهباز شريف جو آزاد ڪشمير  جي وزيراعظم سان رابطو: مبارڪون

شهباز شريف جو آزاد ڪشمير  جي وزيراعظم سان رابطو: مبارڪون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد جمون و ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ سان ٽيليفون تي رابطو مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزاد جمون و ڪشمير جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، عوام جي ڀلائي، معاشي ترقي، خوشحالي ۽ امن سلامتي لاءِ آزاد جمون و ڪشمير جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون، وفاقي حڪومت آزاد جمون و ڪشمير جي حڪومت کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي.