| شهباز شريف سان ايراني وفد جي ملاقات: علائقائي امن بابت ڳالهيون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جي قيادت ۾ ايراني وفد جي ملاقات، علائقائي امن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. تفصيل موجب اسلام آباد ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ آيل ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ وفد وزيراعظم هائوس پهتو، وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب شهباز شريف ايراني وفد جي شاندار آجيان ڪئي. اسلام آباد ڳالهين ۾ ايراني وفد جي شرڪت جي ساراهه ڪئي، ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي امن جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به موجود هئا، وزيراعظم نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان ٽياڪڙي جو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان علائقي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام لاءِ مثبت اڳڀرائي ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندي ثالثي جون ڪوششون اڳتي وڌائيندو۔