| شهباز شريف سان بلاول جي ملاقات: وزيراعظم ايران آمريڪا جنگ ۾ سفارتي ڪردار بابت اعتماد ۾ ورتو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار بابت اعتماد ۾ ورتو، خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيل قدمن تي به ڳالهه ٻولهه، ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جو وڏو زير سرفراز بگٽي شريڪ هئا، ٻنهي وڏن وزيرن لاڪ ڊائون لاءِ صوبائي حڪومتن جي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم شهباز شريف اڄ صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪندو، ايران آمريڪا جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ذريعن موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان جي ڪردار بابت آگاهي ڏيندو.