اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف بنا مقابلي نواز ليگ جو 4 سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو،
مريم نواز به نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر ٿي وئي، اسلام آباد ۾ نواز ليگ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي قيادت شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي احسن اقبال نواز ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ اسحاق ڊار اوورسيز ۽ عالمي معاملن جو صدر چونڊجي ويو