شهباز شريف وزيراعظم ۽ مريم نواز پنجاب جي سي ايم لاءِ اميدوار، پيپلزپارٽي وفاق ۾ ٺهندڙ اتحادين جي حڪومت ۾ ٻئي مرحلي ۾ شامل ٿيندي

فيبروري 14, 2024

پيپلزپارٽي وفاق ۾ ٺهندڙ اتحادين جي حڪومت ۾ ٻئي مرحلي ۾ شامل ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چوڌري شجاعت جي رهائشگاهه تي اتحادي اڳواڻن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ذريعن موجب شهباز شريف گڏجاڻي دوران آصف زرداري ۽ ٻين کي ٻڌايو ته پارٽي مون کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي، سمورا اڳواڻ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائين ته اڄ ان جو اعلان ڪنداسين، سمورين سياسي جماعتن جي اڳواڻن شهباز شريف کي حمايت جو يقين ڏياريو

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ شموليت لاءِ حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن جون ڪميٽيون فيصلو ڪنديون، پيپلزپارٽي جي قيادت گڏجاڻي ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان پهرين مرحلي ۾ وفاقي ڪابينا جو حصو نه ٿينداسين

ٻئي مرحلي ۾ پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجي سگهي ٿي، سمورين سياسي جماعتن ۾ اتفاق راءِ بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف جي وزيراعظم طور نامزدگي جو اعلان ڪيو ويو، مريم نواز کي پنجاب جي سي ايم نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

Leave A Comment