شهباز شريف کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت: پرويز الاهي، فهميدا مرزا، ذوالفقار مرزا، ثروت اعجاز قادري ۽ مولانا اورنگزيب فاروقي نااهل قرار
جنوري 9, 2024
اسلام آباد/ڪراچي(بيورو رپورٽ+اسٽاف رپورٽر:) اليڪشن ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جي نااهلي جو فيصلو برقرار رکندي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي کي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 ۽ پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 23 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو چيلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل جي جج چوڌري عبدالعزيز ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو جنهن کي هاڻ ٻڌايو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري آر او جو فيصلو برقرار رکندي چيو آهي ته ٻنهي تي اثاثا لڪائڻ، گهر واري جا پرڏيهي دورا ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض ثابت ٿيو هو. اعتراض ڪندڙن جو گوشوارن ۽ مختلف ڪمپنيز ۾ شيئر ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض به صحيح قرار ڏنو ويو ۽ ٻنهي تڪن لاءِ ڌار ڌار خرچن جا بينڪ اڪائونٽس به نه کولڻ جو اعتراض صحيح قرار ڏنو ويو. پرويز الاهي ۽ قيصره الاهي جي دستاويزن ۾ ٽيڪنيڪي غلطين ۽ اوٿ ڪمشنر کان تصديق نه ڪرائڻ جو اعتراض به صحيح قرار ڏنو ويو. ڪراچي ۾ اليڪشن ٽربيونل پاڪستان سني تحريڪ جي صدر ثروت اعجاز قادري، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر فهميده مرزا، پاڪستان راهه حق پارٽي جي اميدوار مولانا اورنگزيب فاروقي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي مختلف سياسي پارٽين جي اميدوارن جون ريٽرننگ آفيسرن خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ غير ضروري ڄاڻ کي بنياد بڻائي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا جڏهن ته مختلف سياسي پارٽين جي اميدوارن جو ريٽرننگ آفيسرن خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون. اليڪشن ٽربيونل جي سربراهه جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ريٽرننگ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته آهسته آهسته معاملا ريٽرننگ آفيسرن جي طرف وڌي رهيا آهن. بناجواز اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن کي رد ڪرڻ تي ريٽرننگ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ريٽرننگ آفيسرن کي پهريان تربيت نه ڏني وئي هئي؟ ڇا اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسرن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي؟ ظاهري طور غير ضروري ڄاڻ کي بنياد بڻائي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. اليڪشن ٽربيونل فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، پي ايس 108 تان پاڪستان سني تحريڪ جي صدر ثروت اعجاز قادري، پي ايس 88 تان پاڪستان راهه حق پارٽي جي اميدوار مولانا اورنگزيب فاروقي جون به اپيلون رد ڪري ڇڏيون.