شهباز شريف ۽ فضل الرحمان پاران مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق

آڪٽوبر 11, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سان پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان  ملاقات ڪري مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي

لاهور ۾ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات دوران اليڪشن جي تياري ۽ نواز شريف جي واپسي سوڌو ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، بحرانن کي گڏجي منهن ڏيڻ ۽ مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو

 ملاقات دوران شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي واپسي بعد ملڪ ۾ سياسي ۽ جمهوري نظام سگهارو ٿيندو، 16 مهينن جي حڪومت دوران سمورن اتحادين سياست بدران رياست بچائڻ جو سوچيو

 مولانا فضل الرحمان چيو ته نواز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي پريشان ڪرڻ وارو عمل تاريخ جو ڪارو باب رهندو، سياسي اڳواڻن کي بنا جواز چور ۽ ڦورو سڏڻ سياسي انجنيئرنگ واري راند جو حصو هو

Leave A Comment