| شهباز ۽ انڊونيشيا جي وزيراعظم ۾ رابطو: هڪ ٻئي کي عيد واڌايون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پرابوو سوبي انتو سان ٽيلي فون تي رابطو ڪري عيدالفطر جون واڌايون ڏنيون۔ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي عوام ۽ امتِ مسلمه لاءِ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جون دعائون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ برادرانه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي صورتحال، خاص طور ايران ۽ خليجي علائقي ۾ ڇڪتاڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.