شهدادپور:داخلا ٽيڪس خلاف ٽرانسپورٽرن پاران وينون بيهاري  ڌرڻو: ٽريفڪ معطل

شهدادپور:داخلا ٽيڪس خلاف ٽرانسپورٽرن پاران وينون بيهاري  ڌرڻو: ٽريفڪ معطل

شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ داخلا ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف ٽرانسپورٽرن پاران وينون بيهاري مظاهرو، ڌرڻو، ان ڏس ۾ لوڪل روٽن تي هلندڙ ٽرانسپورٽرن داخلا في جي اوڳاڙي خلاف  هالا شهدادپور روڊ تي وينون بيهاري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب هالا، حيدرآباد، ڀٽ شاهه سميت مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي وين مالڪن ۽ ڊرائيورن حاجي لياقت کوسو، اعجاز مگسي ۽ ٻين چيو ته ورهين کان وٺي ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل آهيون، ڪڏهن به داخلا في ۽ ٽول ٽئڪس ناهي ڏنو، سپريم ڪورٽ توڙي هاءِ ڪورٽ طرفان انهي تي بندش پيل آهي،هنن چيو ته شهدادپور، هالا، شاهپورچاڪر، سانگهڙ  روٽن تي هلندڙ لوڪل ٽرانسپورٽرن کان داخلا في جي مد 50 رپيا ورتا پيا وڃن. وين مالڪن الزام هنيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي وائيس چئرمين لقمان راجپوت جي سرپرستي ۾ ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي، ٽيڪس نه ڏيندڙ ڊرائيورز ۽ ڪلينرز کي گارگند ۽ مارڪُٽ ڪئي پئي وڃي ، هنن مطالبو ڪيو ته داخلا في ختم ڪئي وڃي،  ٻئي طرف پوليس پهچي ڳالهيون ڪري 2 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو