| شهدادپور:نينگر کي شراب پياريندڙ هٿڪڙين سوڌو فرار: 2 سوگها |
شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ نينگر کي شراب پيارڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار هٿڪڙين سميت فرار، 2 ننڍا منشي ڪوارٽر گارڊ، ان ڏس ۾ شهر جي واپڊا روڊ واسي 8 ورهين جي علي جان سيال کي شراب پيارڻ واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد جوابدار شير چانڊيو کي رات دير سان گرفتار ڪيو ويو. جيڪو صبح جو ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو. جنهن تان ايس ايس پي 2 ننڍن منشين عزيز سنگراسي ۽ پير بخش چانهيو کي ڪوارٽر گارڊ ڪري ڇڏيو، ھوڏانهن حيدرآباد اسپتال ۾ حالت سڌرڻ بعد نينگر کي فارغ ڪيو ويو.