| شهدادپور استاد قتل واقعو: ايس ايچ او سوڌو 4 اهلڪار فرار |
شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور جي استاد عزيز جکرو قتل ڪيس ۾ضمانت رد ٿيڻ بعد ايس ايچ او سميت اهلڪار فرار، ان سلسلي ۾ سيشن جج سانگهڙ اختر اي ڪي کوکر جي عدالت اڳوڻي ايس ايچ او غلام شبير دلواڻي، 3سپاهين گل محمد، محرم ۽ امان الله ساند جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، عدالتي فيصلي کان اڳ ئي سڀئي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عدالت ٻڌڻي دوران ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، ڏيڍ ڪلاڪ جي وقفي بعد کليل ڪورٽ ۾ فيصلو جاري ڪندي معزز جج جوابدارن بابت پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ اي اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ کسڪي ويا،ان موقعي تي جج سوال ڪيو ته جوابدارن جي فرار ٿيڻ وقت اوهان ڇا ڪري رهيا هئا؟ جنهن تي ايف آءِ اي جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن جي فرار ٿيڻ وقت ڪو به عدالتي فيصلو جاري نه ٿيو هو. عدالت سڳوري جوابدارن جي ضمانت رد ڪندي ايف آءِ اي کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.