شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف: رڪارڊ طلب

جنوري 22, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سانگھڙ ضلعي ۾ صحت جي وڏي اداري انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس شهدادپور ۾ مبينا طور ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن پاران شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ ٿيل ڀرتين، ٺيڪن ۽ ملازمن جي ڀرتين جا تفصيل طلب، اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي هدايتن بعد معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي قائم، انڪوائري ڪاميٽي پاران لاڳاپيل اختيارين کي 3 سالن جو سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سانگھڙ ضلعي ۾ صحت جي وڏي اداري شهدادپور انسٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ مبينا طور ٺيڪن جا غيرقانوني ٽينڊر جاري ٿيڻ سميت بجيٽ جي غلط استعمال ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل ظاهر ٿيو آهي. ڄاڻ موجب ته ڪرپشن اسڪينڊل واري معاملي جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن سنڌ جي چيئرمين جي هدايتن تي اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي اختيارين پاران انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ انڪوائري ڪاميٽي پاران شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي خط لکي 3 سالن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري ٽيم پاران ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڏانهن اماڻيل خط ۾ کيس پابند بڻايو ويو آهي ته گذريل 3 سالن ۾ جاري ٿيل ٺيڪن جي ٽينڊرن، 3 سالن جي ريوائيز ۽ ريگيولر بجيٽ، ڪيش بوڪ، ليجر ۽ وائوچر جمع ڪرايا وڃن، جڏهن ته انڪوائري ڪاميٽي پاران انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته  موجود عملي ڊاڪٽڙن، پيراميڊيڪل اسٽاف سميت ٻين ملازمن جي تفصيلن سميت 3 سالن جي آڊٽ رپورٽ سميت ڪانٽيجنسي جي مد ۾ ملندڙ ۽ ان جي استعمال جا تفصيل پڻ فراهم ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ ڪانٽيجنسي ملازمن جي مد سميت ٺيڪن جي ٽينڊرن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو اسڪينڊل ظاهر ٿيو آهي، جنهن لاءِ اينٽي ڪرپشن حرڪت ۾ اچي وئي آهي.

Leave A Comment