شهدادپور جي مغوي عبدالرزاق سولنگي تي ڌاڙيلن جي تشدد واري وڊيو وائرل

جُولاءِ 4, 2023

ڪرمپور(ن پ و) ڪچي ۾  ڌاڙيلن وٽ قيد ٿيل شهدادپور جي نوجوان عبدالرزاق سولنگي  مٿان تشدد واري وڊيو وائرل ٿي وئي

وائرل ٿيل وڊيو ۾ مغوي نوجوان تي ڌاڙيلن پاران ڪيل تشدد ڏسي سگهجي ٿو، زنجيرن ۾ جڪڙيل مغوي نوجوان مٿان ڌاڙيل تشدد ڪندي نظر اچن ٿا جڏهن ته نوجوان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت وارثن ۽ ٻين وس وارن کي بازيابي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي

وڊيو ۾ نوجوان چئي رهيو آهي ته ڌاڙيل 30 لک ڀنگ گهرن ٿا، روزانو تشدد ڪيو وڃي ٿو وڏي تڪليف ۾ آهيان الله جي واسطي مون کي آزاد ڪرايو

واضح رهي ته عبدالرزاق سولنگي کي ڌاڙيلن عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو هو جڏهن ته ڌاڙيلن مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي

Leave A Comment