| شهدادپور: ليڊي هيلٿ ورڪر بيهوشي واري حالت ۾ هٿ: ڦرلٽ الزام |
شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر بيهوشي واري حالت ۾ هٿ، وارثن پاران ٺڳ شاهينگن تي نشو ڏئي سونا زيور ڦر ڪرڻ جو الزام ان ڏس ۾ شهر جي شاهپورچاڪر روڊ تان ليڊي هيلٿ ورڪر فاطمه آرائين بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آئي، جنهن کي سمس منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن متاثره عورت جي ڀاءُ اسلم آرائين ٻڌايو ته ڪار ۾ سوار ڪجهه شاهينگ ڀيڻ کي اسپتال جي گيٽ تان ڪار ۾ ويهاري گهر وٺي ويا، جتان گهر ۾ رکيل 8 تولن جا سونا زيور ڦر ڪرڻ بعد نشو ڏئي کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، ھن چيو ته اطلاع باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.