شهدادپور لڳ حادثو: 2 ڀائر چيڀاٽجي فوت: نينگر مرڻينگ

شهدادپور لڳ حادثو: 2 ڀائر چيڀاٽجي فوت: نينگر مرڻينگ

مقصودو رند/شهدادپور (نمائندن وٽان) شهدادپور لڳ سوزوڪي جي ٽڪر ۾ 2 پورهيت ڀائر چيڀاٽجي فوت، نينگر مرڻينگ، ڊرائيور گرفتار، ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻاجهي رند وٽ نوابشاھه روڊ تي تيز رفتار سوزوڪي موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 پورهيت ڀائرن 45 ورهين جي حڪيم رند ۽ 22 ورهين جي حفيظ رند دم ڏنو، جڏهن ته 7 ورهين جو شان علي رند شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، پوليس سوزوڪي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور گرفتار ڪري ورتو. ڳوٺاڻن موجب فوتي ڀائر هوٽل تي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.