شهدادپور: مقتول هيڊماستر جي ڀائرن ۽ ڀيڻوئي جي دهشتگردي ڪيس ۾ ضمانت منظور  

شهدادپور: مقتول هيڊماستر جي ڀائرن ۽ ڀيڻوئي جي دهشتگردي ڪيس ۾ ضمانت منظور  

شهدادپور(ن پ ا) حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 1 شهدادپور ٿاڻي ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل هيڊ ماستر عزيز جکرو جي ڀائرن ۽ ڀيڻوئي جي هالا ۾ لاش رکي ڌرڻوهڻڻ تان داخل دهشتگردي واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، آغا افتخار ترين دليل ڏيندي چيو ته هالا پوليس استاد عزيز جکرو قتل ڪيس ۾ نامزد پنهنجي پَٽي ڀائي ايس ايچ او ۽ پوليس اهلڪارن کي بچائڻ توڙي متاثر ڌُر تي دٻاءُ وجهڻ لاءَ هٿ ٺوڪي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن ڪوبه ڏوهه ناهي ڪيو، هن استدعا ڪئي ته کين ضمانت ڏني وڃي، دليلن بعد ڪيس ۾ نامزد ٿيل مقتول جي ڀائرن ڄام حيدر، ڄام ارشد، ڄام ذوالفقار، ڄام مرتضيٰ، ڄام محبوب، ڄام سبطين ۽ مقتول جو ڀيڻوئي سهيل لاکو جي 50 ، 50 هزار جي مچلڪن عيوض ڪچي ضمانت منظور ڪندي پوليس کان 9 ڊسمبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ قاتلن جي گرفتاري لاءِ هالا قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻندڙ 435 مظاهرين تي دهشتگردي الزام هيٺ هالا ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل  ڪئي وئي هئي.