| شهدادپور ميونسپل جو ڪمال: جيئري شهري جو فوتي سرٽيفڪيٽ جاري |
شھدادپور(ن پ ا) شهدادپور ميونسپل ڪاميٽي پاران جيئري شخص کي مئل قرار ڏئي فوتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ شھر جي نئين بستي پاڙي جي رهواسي غلام مصطفيٰ بالادي ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه طرفان سندس فوتي سرٽيفيڪيٽ جاري ڪرڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو جيئرو ۽ حال حيات آهي پر ميونسپل عملي سندس فوتي سرٽيفيڪيٽ جاري ڪندي سرڪاري رڪارڊ ۾ کيس مئل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو فوتي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ سبب هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. متاثر شهري موجب ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهر جي تعمير لاءِ سندس نالي 3 لک جاري ٿيا آهن پر سرڪاري رڪارڊ ۾ فوت هئڻ سبب بئنڪ انتظاميه امدادي رقم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪا به نئين سِم پڻ جاري نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي وارا رڪارڊ درست ڪرن لاءِ تيار ناهن، هن چيو ته غلط فوتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ميونسپل عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي هوڏانهن ميونسپل عملدارن جي وضاحت سامهون نه آئي هئي.