شهدادپور: هيڊ ماستر قتل ڪيس ۾ ايس ايچ او جي ضمانت منظور

شهدادپور: هيڊ ماستر قتل ڪيس ۾ ايس ايچ او جي ضمانت منظور

شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور پوليس جي حراست ۾ فوت ٿيل استاد عزيز جکري جي ڪيس ۾ نامزد ايس ايچ او غلام شبير دلواڻي جي 2 لکن عيوض 25 نومبر تائين ڪچي ضمانت منظور، گرفتار اهلڪار وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، ان ڏس ۾ استاد عزيز جکرو قتل ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار اڳوڻي ايس ايچ او غلام شبير دلواڻي سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ پيش ٿي ضمانت جي استدعا ڪئي. عدالت سڳوري 2 لک جي مچلڪن عيوض سندس ڪچي ضمانت منظور ڪندي 25 نومبر تي طلب ڪري ورتو، ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائيندڙ 2 اهلڪار گل محمد عرف گلو زرداري ۽ محرم زرداري جي پڻ 25 نومبر تي سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ پيشي رکيل آهي. هوڏانهن ساڳئي ڪيس ۾ ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ايف آءِ اي  2سپاهين نور علي لاکو ۽ رفيق اُڄڻ جو 3 ڏينهن جو رمانڊ ورتو.