شهدادپور واقعو:صائمه کوسي پاران غفور مٿان اغوا ۽ لڄالٽ الزام: 6 ڄڻن تي قتل ڪيس

  شهدادپور واقعو:صائمه کوسي پاران غفور مٿان اغوا ۽ لڄالٽ الزام: 6 ڄڻن تي قتل ڪيس

شهدادپور/نوابشاهه(رپورٽ: عبدالحميد کوسو ۽ اياز ڏاهري) شهدادپور ۾ پسند پرڻي تان گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان غفور کوسو واري واقعي جو 6 جوابدارن تي ڪيس داخل، صائمه کوسي پاران مقتول واري ڌر تي اغوا جو الزام، ان سلسلي ۾ شهدادپور پوليس مقتول غفور کوسي جي ڀاءُ عنايت الله کوسو جي فرياد تي شعبان، ياسين، بابر، مُريد، فريد ۽ علي احمد کوسو مٿان ايف آءِ آر داخل  ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ قتل، اغوا، گهر ۾ گهڙڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي موجب غفور ۽ صائمه جي پسند جي شادي تان ناري جا مائٽ ناراض هئا، جن حملو ڪري ڀاءُ غفور کي گوليون هڻي قتل ڪيو، اهي ڀاڄائي صائمه کي اغوا ڪري کڻي ويا. فريادي موجب جوابدارن ڀاءُ کي فائرنگ، لوهي سريو ۽ لٺيون هڻي قتل ڪيو. ٻئي طرف مقتول جي مڙھ کي ڳوٺ دوست محمد کوسو قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن صائمه کوسو پنهنجي امڙ مريم کوسو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 10 ڏينهن اڳ عبدالغفور کوسو پنهنجن ساٿين سان گڏ هٿيان جي زور تي کيس اغوا ڪري شھدادپور کڻي ويو، جتي مونکي لڄالٽ جو نشانو بڻائي، غير اخلاقي وڊيو ڀري، بليڪ ميل ڪيو ته مون سان نڪاح ڪر نه ته تنهنجا وڊيو نيٽ تي رکندس ۽ توکي قتل ڪري ڇڏيندس، جنهن بعد مون هن سان نڪاح ڪيو ۽ سندس دٻاءُ تي مون ميڊيا ۾ پسند جي پرڻي جو بيان ڏنو، هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ منهنجو والد شعبان، چاچو ياسين ۽ سوٽ علي احمد مونکي وٺي وڃڻ لاءِ  شھدادپور آيا، جن تي عبدالغفور کوسو، عنايت الله، عزيز الله ۽ ٻين فائرنگ ڏني، جنهن ۾ منهنجو والد، چاچو ۽ سوٽ زخمي ٿي پيا، هن چيو ته  خبر ناهي ته عبدالغفور ڪيئن مارجي ويو؟ هن چيو ته منهنجا مائٽ هٿئين خالي هئا، اهي مونکي وٺڻ آيا هئا، هن چيو ته پوليس منھنجن مائٽن  کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي ملڻ به نه ڏنو وڃي، هن آءِ جي سنڌ کا مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.