شهدادپور واقعو: ايس ايچ او دلواڻي پاران ايف آءِ آر خاتمي لاءِ پٽيشن داخل

  شهدادپور واقعو: ايس ايچ او دلواڻي پاران ايف آءِ آر خاتمي لاءِ پٽيشن داخل

شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ پوليس تحويل  ۾ فوت ٿيل عزيز جکرو واري ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايچ او شبير دلواڻي ايف آءِ آر ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، هن فريادي ڄام حيدر جکرو، سبطين جکرو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي شهيد بينظيرآباد کي ڌُر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ايف آءِ اي بنا ڪنهن جاچ جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري کيس ڦاسايو آهي، استاد عزيز جکري بابت جاچ آفيسر ولي محمد ڀنڀرو سول ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ته فوتي صحت جي پيچيدگين ۾ مبتلا هئڻ سبب دم ڏنو،  سول جج ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏنو پر انهن جاچ بدران ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، هن استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي طرفان داخل قتل جي ايف آءِ آر ڪالعدم قرار ڏني وڃي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 8 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو