| شهدادپور ويجھو پراسرار گولي لڳڻ ڪري ڳوٺاڻو مرڻينگ |
شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ پرسرار نموني گوليون لڳڻ سبب هڪ ڳوٺاڻو مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. وارثن اتفاقي واقعو قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳوٺ يعقوب خاصخيلي واسي 30 ورهين جو رستم خاصخيلي گوليون لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي پيو جنهن کي سمس اسپتال آڻي طبي امداد بعد نازڪ حالت هجڻ سبب کيس حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڊاڪٽرن موجب زخمي کي پيٽ ۽ ڄنگھ ۾ ٻه گوليون لڳيون آهن، جنهن سبب سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان سلسلي ۾ وارثن ابتدائي طور تي بيان ۾ چيو آهي ته رستم پستول صاف ڪري رهيو هو، ان دوران اوچتو اتفاقي طور گوليون لڳيون،ڪنهن به قسم جي ڪا دشمني يا ٻيو ڪو به واقعو ناهي، ٻئي طرف پوليس موجب واقعي جي گهڻ رخي جاچ جاري آهي ۽ هر پهلوءَ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.