شهدادپور پوليس جي هڪ ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

مَي 25, 2023

شهدادپور( ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ٽالپر رستي وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، ٻئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽالپر رستي وٽ موٽر سائيڪل سوارن کي روڪڻ جي اشاري تي جوابدارن گشت ڪندڙ اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ م  هڪ هٿياربند مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو

هي به پڙهندا

پوليس ٻڌايو ته زخمي جي سڃاڻپ عزيز اوڏ طور ٿي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار جوابدار ملدسي چوڪ تي پيڍي ڌرم داس کان روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض