شهدادپور: پوليس حراست ۾استاد عزيز جکرو قتل جو مک ڪردار ايس ايچ او دلواڻي برطرف

شهدادپور: پوليس حراست ۾استاد عزيز جکرو قتل جو مک ڪردار ايس ايچ او دلواڻي برطرف

شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور پوليس جي حراست ۾ فوت ٿيل استاد عزيز جکرو واري ڪيس جو مک ڪردار اڳوڻو ايس ايچ او برطرف، ان ڏس ۾ شهدادپور ٿاڻي ۾ حراست دوران تشدد ۾ فوت ٿيل استاد عزيز جکرو جي قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي  ايس ايچ او شبير دلواڻي کي ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ برطرف ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته 10 نومبر 2025 تي پوليس حراست ۾ تشدد ۾ فوت ٿيل استاد عزيز جکرو قتل ڪيس ۾ ايس ايچ او شبير دلواڻي، اي ايس آءِ گلشير چانڊيو، ايس آءِ تنوير جٽ، اڳوڻو وڏو منشي مختيار راجپوت، سپاهي نور لاکو، گلو زرداري، محرم زرداري، الله بچايو، امان الله ساند ۽ رفيق اڄڻ نامزد آهن. ڪيس ۾ نامزد 5 ڄڻا گلشير چانڊيو، نور لاکو، رفيق اڄڻ، الله بچايو ۽ مختيار راجپوت گرفتار ٿيل آهن.