شھدادپور( ن پ ) شهدادپور پوليس ڪُهي قتل ڪيل امولک ڀيل جي ڪيس ۾ سندس گهرواري کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
3 هفتا اڳ قتل ڪيل امولک ڀيل جي ڪيس ۾ پوليس سندس گهر واري شريمتي حليمه کي گرفتار ڪري ورتو آهي
ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جي ڀاڻيجي موهن ڀيل کان به جاچ جاري آهي تنهن باوجود پوليس ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي
پوليس قتل ڪيل امولک ڀيل جي گهر واري کي گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاڻايل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي
پوليس ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ ڪرڻ ۾ رڌل آهي پر ڪا خاص ڪاميابي ناهي ماڻي سگهي