شهدادپور ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، ناحق باندي بڻايل شهري بازياب

جُولاءِ 19, 2023

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، باندي بڻايل شھري بازياب، ايس ايچ او طلب. ان سلسلي ۾ شھر جي فتح شاهه بخاري پاڙي واسي ياسر ٻگهيو

 پاران سندس والد عبدالصمد ٻگهيو کي شھدادپور ٿاڻي تي ناحق باندي بڻائڻ خلاف داخل درخواست تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ فياض علي ميتلو ٿاڻي تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران معزز جج لاڪپ سميت سموري ٿاڻي جي چڪاس ڪئي جتان ناحق باندي بڻايل عبدالصمد ٻگهيو کي بازياب ڪرايو ويو

 معزز جج پوليس کي ڇنڊ پٽي ته بنا ايف آءِ آر جي شھري کي ڇو ويهاريون ويٺا آهيون فوري طور کيس آزاد ڪيو وڃي. معزز جج آزاد ڪرايل شھري ۽ شھدادپور ٿاڻي جي انچارج کي اڄ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Leave A Comment