شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ٿاڻي تي مئجسٽريٽ جو ڇاپو، مبينا باندي بڻايل شھري بازياب، ايس ايچ او طلب، ان ڏس ۾ پوليس طرفان مبينا باندي بڻايل
شھري منيب خلجي جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ فياض علي ميتلو ٿاڻي تي ڇاپو هنيو
جج جي ڇاپي دوران منيب هٿ نه آيو، بغير ايف آءِ آر جي ٿاڻي تي ويهاريل ارشارد راجپوت کي بازياب ڪرايو ويو. ان موقعي تي پوليس جج کي آگاهه ڪيو ته منيب مٿان گٽڪا ڪيس داخل ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري جيل موڪليو ويو آهي
جڏهن ته جج پاران بازياب ڪرايل ارشاد راجپوت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايس ايچ او کي اڄ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي