شهدادپور ڀرسان عورت جو گهر مان لاش هٿ
جُون 24, 2025
شهدادپور( پنهنجي ڊيسڪ )شهدادپور لڳ عورت جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ، وارثن پاران واقعو آپگهات قرار، شهدادپور ڀرسان ڳوٺ لکا ڏنو جلالاڻي ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ شريميتي هَسو زال جهيمل ڪولهي جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش اسپتال تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي پوليس جو چوڻ هو ته عورت جو گهر مان لاش هٿ آيو آهي، اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي موت جواصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو، گهڻ رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته عورت گهرو پريشانين کان تنگ اچي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي آپگهات ڪيو آهي.