شهدادپور ڀرسان مڙس بلوچستان مان عيد ڪرڻ پيڪين آيل عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

مارچ 24, 2025

شهدادپور(رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شهدادپور ۾ عيد ڪرڻ پيڪين آيل عورت گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار، وارثن ۾ ڪهرام، خبر موجب ڳوٺ شاهه بيگ بروهي ۾ بلوچستان واسي جوابدار رمضان بروهي پيڪين عيد ڪرڻ آيل پنهنجي گهر واري مسمات فرزانه بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عورت جي والد فقير محمد بروهي ٻڌايو ته ڌيءُ عيد ڪرڻ لاءِ گهر آيل هئي، جتي سندس مڙس رمضان گهرو اڻبڻت تان پنهنجي هڪ ساٿي سان گڏ کيس قتل ڪري فرار ٿي ويو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف پوليس موجب مقتول عورت بلوچستان ۾ پرڻيل هئي، جتان مائٽن وٽ عيد ڪرڻ آئي هئي، جتي کيس مڙس قتل ڪيو، جوابدار بلوچستان فرار ٿي ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.

 

Leave A Comment