شهدادپور ڀرسان پيرسن غوطا ڏئي قتل
جُون 25, 2025
شهدادپور (پنهنجي ڊيسڪ) شهدادپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ جوابدارن پيرسن مبينا طور واٽر ڪورس ۾ غوطا ڏئي قتل ڇڏيو.
ڳوٺ عيسيٰ بروهي ۾ بروهي برادري وچ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ جوابدارن 60 ورهين جي شير محمد بروهي کي واٽر ۾ غوطا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
پيرسن کي سِمس اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي، پوليس مڙھه تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مرده خاني منتقل ڪري ڇڏيو
مقتول جي پٽ منظور بروهي چيو آهي ته جوابدار فوجي محمد بخش، ثناءُ الله، عنايت الله، افضل ۽ ڪامران والد کي واٽر ڪورس ۾ غوطا ڏئي قتل ڪيو آهي.
جوابدار زرعي زمين تي قبضي لاءَ مسلسل ڌمڪيون ڏيندا هئا، پاڻي وارائڻ لاءِ ويل والد کي غوطا ڏئي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر درج ڪري ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته سرزمين جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويندا