| شهدادپور ڀرسان ڪبوترن تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت: لاش رکي ڌرڻو |
شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ڀرسان ڪبوترن تان ٿيل جهيڙي ۾زخمي ٿيل نوجوان فوت، لاش رکي ڌرڻو، ان ڏس ۾ ٽنڊي آدم ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دين محمد انڙ ۾ ڪبوترن تان ٿيل جهيڙي ۾ ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿيل 21 ورهين جي نوجوان ڪانجي پٽ چيتن ڪولهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي بعد مقتول جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهدادپور ۾ ٽنڊوآدم چوڪ تي لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن الزام هنيو ته هفتو اڳ جوابدارن ڪبوترن جي معاملي تان نوجوان ڪانجي تي ڪهاڙين سان حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪيو، جنهن حيدرآباد ۾ علاج دوران دم ڏنو وارثن موجب جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا هنن چتاءُ ڏنو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو.