| شهدادپور: ڪيريا برادري ۾ لنگهه تان 4 جانيون ڳڙڪائيندڙ تڪرار جو نبيرو:3 ڪروڙ ڏنڊ |
شهدادپور (رپورڙٽ : عبدالحميد کوسو) شهدادپور ڀرسان ڪيريا برادري وچ ۾ لنگهه تان 4 جانيون ڳڙڪائيندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، 3 ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر، ڌريون کير کنڊ ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻيڙو مُلان ڪيريو ۾ ڪيريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ لنگهه تان شروع ٿيل خوني تڪرار تان 4 ڄڻا قتل ٿيا هئا، ان تڪرار جو درگاهه پير جو ڳوٺ ۾ فيصلا ڪاميٽي جي چيئرمين سعيد نظاماڻي ۽ ميمبرن جي سرپئنچي ھيٺ فيصلو ٿيو. فيصلي ۾ ارباب ڪيريو ۽ موسيٰ ڪيريو جي ڌرين جي ماڻھن شرڪت ڪئي. 4 قتل ۽ گهر جي نقصان جو ٻنهي ڌُرين مٿان 3 ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. فيصلي موجب موسيٰ ڪيريو جي ڌر تي ارباب ڪيريو جو خون ثابت ٿيڻ تي خون بها 70 لک ۽ مقتول جي گهر جي نقصان جو 30 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، اهڙي طرح ارباب ڪيريو جي ڌر تي 3 خون ثابت ٿيڻ تي في خون جي بها 70 لک جملي 2 ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو سرپئنچ موجب ارباب ڪيريو جي ڌر ڏنڊ جي رقم مان 20 لک جي حساب سان 3 ايڪڙ زرعي زمين موسيٰ ڪيريو کي لکي ڏيندي، هڪ خون خون ۾ پاڙڻ بعد گهر جي نقصان جو 30 لک ڪاٽي باقي 50 لک رپيا روڪ ڏيڻ جا پابند هوندا. هوڏانهن درگاهه شريف تي ٿيل فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ڌريون ٻن مهينن ۾ ڪيسن تان هٿ پڻ کڻنديون