شهدادپور: ڳوٺاڻن پاران ليز تي زمين ڏيڻ کان انڪار: پي پي ايل پاران کڏا کوٽڻ خلاف ڌرڻو

شهدادپور: ڳوٺاڻن پاران ليز تي زمين ڏيڻ کان انڪار: پي پي ايل پاران کڏا کوٽڻ خلاف ڌرڻو

شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ ڳوٺاڻن پاران ليز تي زمين ڏيڻ کان انڪار، پي پي ايل تيل ڪمپني انتظاميه پاران زبردستي کڏا کوٽڻ خلاف ڌرڻو، نعريبازي ان ڏس ۾ ڳوٺ کٻڙ ڳاهو ۾ ڳاها برادري پاران زرعي زمين ليز تي ڏيڻ کان انڪار تي پي پي ايل تيل ڪمپني انتظاميه طرفان زمين ۾ کڏا هڻي ڀِت کڻڻ خلاف ڳوٺاڻن ڪَنڊو ڳاهو، گلاب ڳاهو ۽ شعيب ڳاهو جي اڳواڻي ۾ هالا شهدادپور مک روڊ تي سوئي گئس اسٽاپ وٽ رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب هالا، حيدرآباد، ڀٽ شاهه سميت مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته ليز تي زرعي زمين ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي پي پي ايل انتظاميه سندن زمين ۾ کڏا کوٽي پوکيل فصلن کي نقصان پهچائڻ سان گڏ زمين تي قبضا ڪري رهي آهي، مظاهرين موجب سال 2012ع ۾ پي پي ايل انتظاميه پلانٽ لاءِ سندن 2 ايڪڙ زرعي زمين ليز تي ورتي هئي، هاڻ وڌيڪ زمين ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، انڪار ڪرڻ تي زمين ۾ کڏا کوٽي فصل تباهه ڪيا ويا. هنن م چيو ته اسان پنهنجي وڌيڪ زرعي زمين ليز تي ڏيڻ نٿا چاهيون،  هوڏانهن پوليس پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.