| شهدادپور ۾ شاليمار جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون: آمدرفت معطل |
شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ شاليمار ٽرين کي حادثو، خراب بيٺل عوامي ايڪسپريس کي ڪراس ڪندي 4 بوگيون لهي ويون، آمد رفت معطل، ان ڏس ۾ شهدادپور ريلوي اسٽيشن تي انجڻ جي خرابي سبب بيٺل عوامي ٽرين کي ڪراس ڪرڻ دوران ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس جون 4 بوگيون لوپ ٽريڪ تان لهي ويون، جنهن سبب اپ ۽ ڊائون ٽريڪ تي گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي، ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته انجڻ ڪراس ڪرڻ بعد 4 گاڏا ٽريڪ تان لهي ويا. پٽڙي جو ڳچ حصو اکڙجي ويو پر معجزاڻي طور مسافر محفوظ رهيا. ريسڪيو ٽيمن پهچي چئني گاڏن کي ڌار ڪري ٽريڪ بحال ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب شاليمار کي غير فعال ٽريڪ تان گذارڻ جي ڪوشش دوران بوگيون لهي ويون. متاثر مسافرن دانهيو ته لوپ ٽريڪ کي لوهه بدران ڪاٺ سان ڳنڍيو ويو آهي، ريلوي جي بدانتظامي سبب ٽرينن جا حادثا معمول بڻيل آهن، هنن چيو ته ريل اڳ ۾ ئي 4 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي، حادثي سبب پريشاني وڌي وئي. ٻئي طرف شهرين پهچي مسافرن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو