شھدادپور (ن پ ا) شھدادپوشھر جي جوت علي شاهه پاڙي ۾ قائم ٻارڙن جي نجي اسپتال گلشن ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ميٽرنٽي هوم سينٽر ۾ اسپتال
جي عملي طرفان ڊاڪٽر نه گهرائڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل ٻالڪ محمد اسد واري واقعي ۾ پوليس حراست ۾ ورتل الزام هيٺ آيل ٽيڪنيشن رائو مشتاق جي وارثن هالا ۾ فوتي ٻارڙي جي گهر ميڙ کڻي وڃڻ تي فوتي جي وارثن کيس بخش ڪري ڇڏيو
جنهن بعد پوليس ٽيڪنيشن کي آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس موجب فوتي ٻارڙي جي وارثن جي چوڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو آهي. وارثن قانوني ڪارروائي
کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي. هوڏانهن اسپتال انتظاميه پاران معصوم ٻالڪ جي حياتي کسڻ واري واقعي بابت هيلٿ ڪيئر ڪميشن توڙي صحت کاتي ۽ لاڳاپيل اختيارين ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو