شهدادپور ۾ نينگري سان مبينا زيادتي، 4 جوابدار گرفتار، ميڊيڪل جو حڪم

آگسٽ 19, 2023

شھدادپور  (رپورٽر) شھدادپور ويجھو 12 ورهين جي نينگري سان مبينا اجتماعي جنسي زيادتي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد 4 جوابدار گرفتار، ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، عدالت پاران جوابدارن جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم

ڳوٺ ملدسي ۾ 12 ورهين جي نينگري انعم خاصخيلي کي مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس نينگري جي والد يوسف خاصخيلي جي فرياد تي چئن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري ورتو

فريادي ڄاڻايو ته وحيد خاصخيلي، شاهد عرف شاهو، مھتاب خاصخيلي ۽ شاھنواز خاصخيلي ڌيءُ کي ووئڻن جي فصل ۾ وٺي وڃي لڄالٽ جو نشانو بڻايو

هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪري نينگري سان زيادتي الزام هيٺ آيل چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو

عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪندي ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نينگري جي والد چيو آهي ته ظالمن منهنجي نياڻي جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، وڏو ظلم ٿيو آهي، نياڻي جي زندگي تباھ ڪندڙ جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment