| شهدادپور ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل پيرسن جي قبر ڪشائي |
شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ پرسرار نموني فوت ٿيل شخص جي عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. پرسرار نموني فوت ٿيل ڪوس گهر پاڙي واسي مال جي واپاري شڪور بنگلاڻي جي عدالتي حڪم تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف سيال جي نگراني هيٺ قبرڪشائي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ فوتي جي ڀاءُ غفار بنگلاڻي الزام هنيو ته 8 مهينا اڳ ميرپورخاص مائٽن وٽ ويل ڀاءُ شڪور کي جوابدارن ناصر بنگلاڻي ۽ يوسف بنگلاڻي ماني کارائڻ بعد کير ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو.وارثن موجب جوابدارن وٽ مال جي واپار جا 30 کان 40 لک روپيه رهيل هئا، جن پئسا ڦٻائڻ لاءِ لالچ ۾ اچي ڀاءُ کي زهر ڏئي قتل ڪري ظلم ڪيو. هوڏانهن سيشن ڪورٽ سانگهڙ پاران قبرڪشائي جي حڪم بعد پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاھ جي ڊاڪٽرن تي مشتمل ڊاڪٽر سهراب علي ملاح جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم سهڻي مائي قبرستان پهچي فوتي جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا.