| شهدادپور ۾ ڪراچي چيمپئن شپ، ورلڊشوتو جي رانديگرن ۽ فرشاد ڪلب جي رانديگرياڻين جي پهرين پوزيشن |
شهدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شهدادپور ۾ ڪراٽي مقابلن دوران بوائز ۾ ورلڊ شوتو ڪراٽي ۽ گرلز ۾ حيدرآباد فرشاد ڪلب چئمپئن بڻجي ويا، ان سلسلي ۾ پيغامِ پاڪستان پاران مين سنڌي اسڪول ۾ ڪراٽي چيمپئن شپ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حيدرآباد، شهداپور ۽ ٻين شهرن مان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪڪ، پنچ، باڪسنگ ۽ جمناسٽڪ جي مهارت جو شاندار مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بوائز رانديگر ورلڊ شوتو ڪراٽي پهرين ۽ ڪريئٽر اسڪولنگ سسٽم ٻين ۽ اسلامڪ سائينس ڪاليج ٽين پوزيشن ماڻي. گرلز ڪراٽي ۾ حيدرآباد فرشاد ڪلب پهرين ۽ اسلامڪ سائنس ڪاليج ٻين پوزيشن ماڻي. چيمپئن شپ ماڻيندڙ رانديگرن کي ميڊل ۽ ڪپ سان نوازيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي اي سي قمرالدين راهپوٽو چيو ته اهڙيون سرگرميون ٻارن جي جسماني ۽ ذهني نشونما لاءِ انتهائي ضروري آهن، سِمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بشير جمالي صحتمند معاشري لاءِ راندين جي اهميت تي زور ڏنو. حافظ رضاالله، سيد ارشاد ظفر بخاري خطاب ڪيو. مشتاق عباسي، راڻا تنوير ۽ ميڊم سيما کي تعريفي شيلڊ ڏني وئي. ان موقعي منصور بيگ، عمران قمر، نبيل آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.