شهدادڪوٽ اسپتال جي ڪروڙن جي بجيٽ، ايڪسري مشين، خراب، ليباريٽري غير فعال ۽ دوائون اڻلڀ

مَي 20, 2023

شهدادڪوٽ( سٽي رپورٽر) شهدادڪوٽ جي اسپتال م سهولتون نه هجڻ سبب مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

2 لک کان وڏيڪ آبادي رکندڙ شھدادڪوٽ جي اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جون سهولتون نه آهن، ايڪسري مشين ناڪارا بڻيل  آهي، ليبارٽري ۾ به ڪي سهولتون موجود نه آهن ۽ نه وري مريضن کي دوائون پيون ملن

اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب مريض خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن

مريضن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود اسپتال ۾ ڪي به سهولتون نه آهن، صحت کاتي جون اختياريون نوٽيس وٺي اسپتال جون سهولتون بحال ڪرائن

Leave A Comment