شهدادڪوٽ: شادي ۾ گهوٽ جا اسٽيج تي چڙهي ڪئنال خلاف نعرا
اپريل 10, 2025
شهدادڪوٽ (رپورٽر )شهدادڪوٽ ۾سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف گهوٽ شادي هال جي اسٽيج تي پهچڻ سان تڪراري ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي، شهدادڪوٽ ۾ گهوٽ گل محمد خشڪ شهر جي مزدور شادي هال ۾ پنهنجي وليمي جي تقريب ۾ اسٽيج تي پهچڻ سان تڪراري ڪئنالن خلاف نعريبازي شروع ڪري ڏني ته هال ۾ ويٺل ڄاڃين نعرن جو جواب ڏئي تڪراري ڪئنالن کي رد ڪيو، ان موقعي هال ۾ ويٺل ماڻهن درياءَ تي ڪئنال نا منظور جا نعرا هنيا ان مو قعي تي الهداد خشڪ، زين سنڌي، زمان خشڪ، اڪبر خشڪ، عامر علي ٻين چيو ته زور تي سنڌو درياءَ ڌاڙو هنيو پيو وڃي جيڪو سنڌي قوم کي قبول ناهي، سنڌ پاڻي ڏئي سنڌي قوم مان بيچني ختم ڪئي وڃي.